SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Crisis Management

(click word to listen sound
  • 🔊
  • kraisis
  • mænidʒmənt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Crisis Management

ڪرائسز مئنيجمينٽ

گهوٽالي کي مُنهن ڏيڻ جو هُنر

هڪ حڪمت عملي ، جنهن ذريعي ڪا به تنظيم (حڪومت سميت) کيس، سندس شعبن/مفادن، ساڻس واسطيدارن يا عام ماڻهن لاءِ نقصان جو سبب بڻجندڙ واقعن/معاملن کي منهن ڏيڻ جي رٿابندي ڪندي آهي. ڪنهن به اداري کي درپيش بحران ٽن صورتن ۾ سامهون ايندا آهن. (الف) : جڏهن تنظيم جي مفادن کي للڪار ملي ، (ب) : اميدن جي خلاف ڪو واقعو ٿئي ۽ (ج) : ڪنهن اهم معاملي جي حل لاءِ وقت تمام گهٽ هجي . نامياري ڇيد- ڪارVenette S.J جي خيال ۾ ” گهوٽالو دراصل نون مامرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڃائي چُڪل ڪنهن به پراڻي سرشتي جي ناڪاميءَ جو اعلان آهي .“ اهڙي صورت ۾ تبديلي ئي اهو اڪيلو عنصر آهي، جنهن ذريعي پراڻ جي جاءِ تي نواڻ کي موقعو ڏيندي، مليل چُنوتيءَ (Chalaunge)کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. ان حقيقت کان انڪار جي صورت ۾ ناڪامي اڻ- ٽر ٿي وڃي ٿي . Crisis Management اصل ۾ هڪ اهڙو ضابطو آهي ، جنهن ذريعي گهربل صلاحيتون ۽ ڏانءَ ڪتب آڻيندي، درپيش صورتحال کي سُڃاڻڻ، نشاندهي ڪرڻ، سمجھڻ ۽ منهن ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وڃي ٿي. اهو مرحلو مسئلي جي پيدا ٿيڻ کان وٺي حل ٿيڻ تائين جاري رهي ٿو. ان سموري مرحلي کي ”گهوٽالي کي منهن ڏيڻ جي رٿا“Crisis Management Plan) ) چيو وڃي ٿو، جيڪو واقعي جي حيثيت ۽ شدت کي سامهون رکندي ترتيب ڏنو وڃي ٿو . گهوٽالي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ڪنهن به تنظيم جي ساک ۽ مڃتا لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي ۽ بين الاقوامي ماحول ۾ سندس مرتبو طئي ڪرڻ ۾ اهم محرڪ ڳڻجي ٿي. ان ڪري ڪنهن به حڪومت جي خوبين ۾ اها صلاحيت سڀ کان وڏو درجو رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو عالمي سطح تي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ويساهه نه ڪرڻ جوڳا ايندڙ بُحران تقاضا ڪن ٿا، ته هر حڪومت ۾ مناسب ۽ وقتائتو فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ کپي، جنهن سان اُها گهوٽالن جي شدت ۽ غير يقيني گهٽائڻ ۽ انهن جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي


Remember Me Also:

ڀرڙائڻ

مصدر. ڀرڙاٽ ڪرڻ ، ڀونڀٽ ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal